اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ جلسن ۽ جلوسن تي پابندي،قلم 144 لاڳو

اسلام آباد : اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا ريڊ زون ۾ جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ضلعي انتظاميا ريڊ زون ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ريڊ زون ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ قلم 144 تحت ڊبل سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. فيصلو امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جي خدشي تي ڪيو ويو. قلم 144 فوري طور لاڳو ٿيندي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 3 اپريل آچر تي قومي اسيمبلي ۾ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button