اسلام آبادپاڪستان

وزارت قانون عالمي سازش بابت ڪميشن جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد:سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري قانون واري وزارت جي چارج سنڀاليندي ئي اهم حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. قانون واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب فواد چوڌري عالمي سازش بابت ڪميشن قائم ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. بيان موجب ڪميشن عالمي سازش، حڪومت جي تبديلي ۽ بي اعتمادي رٿ جهڙي معاملي جو جائزو وٺندي، جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ جوڙيندي. رپورٽ موجب اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪيترن ئي ليگل آفيسرن کي تبديل ڪري حڪم به جاري ڪيا ويا آهن. قانون واري وزير فواد چوڌري وزارت جي سمورن آفيسرن کي بهتر طريقي سان فرض انجام ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button