اسلام آبادپاڪستان

رجسٽرار اعتراض لڳائي ڇڏيا،حڪومت ڪيرائڻ جي سازش بابت درخواست واپس

اسلام آباد: حڪومت ڪيرائڻ جي مبينا عالمي سازش تي ڪميشن جوڙڻ واري درخواست سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض لڳائيندي واپس ڪري ڇڏي. رجسٽرار آفيس ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست تي 6 اعتراض لڳايا آهن. رجسٽرار آفيس جو چوڻ آهي ته درخواست ۾ مفروضن تي ٻڌل تڪراري اپيل ڪئي وئي آهي. آئين جي آرٽيڪل 69 تحت پارلياماني ڪارروائي کي چئلينج نٿو ڪري سگھجي. درخواست گذار پهريان کان موجود ڪنهن مناسب فورم تي رابطو ناهي ڪيو. رجسٽرار آفيس موجب نوٽيس قانون موجب ناهي، نه هي ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي مقصد لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. آئين جي آرٽيڪل 3/184 جي شنوائي جي اختيار لاءِ تفصيل اطمينان جوڳا ناهن. درخواستگذار ناهي ٻڌائي سگھيو ته ڪهڙا سوال عوامي مفاد ۾ ۽ ڪهڙا بنيادي حق مجروح ٿيا آهن. ياد رهي ته درخواست نعيم الحسن ايڊووڪيٽ پاران داخل ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button