اسلام آبادپاڪستان

اسان جي سحري نئين پاڪستان ۽ افطاري پراڻي پاڪستان ۾ ٿيندي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي سحري نئين پاڪستان ۽ افطاري پراڻي پاڪستان ۾ ٿيندي. رمضان ۾ شيطان بند ٿي ويندو آهي ۽ اسان اڄ بني گالا جي شيطان کي بند ڪري رهيا آهيون، اڄ کان عوام جا مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڪالهه اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي وزيرن پ پ ميمبرن کي منٿيون ڪيون ته بي اعتمادي واپس وٺو. اسان توهان کي حڪومت جو اتحادي بڻائي چونڊ سڌارا ڪنداسين پر تڏهن به اسان جو جواب Absolutely Not هو ۽ هاڻ به جواب Absolutely Not آهي. هن چيو ته ملڪ هن وقت هڪ اهڙي جاءِ تي بيٺو آهي، جتي ڪنهن به ڏڦيڙ کي برداشت نٿو ڪري سگهجي پر جيڪڏهن حڪومت اهڙي ڪا سازش ڪري ٿي ته ملڪ جون سموريون جمهوري قوتون ۽ آئيني ادارا گڏجي عمران جي ان سازش کي ناڪام بڻائيندا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم اين آر او ۽ بيڪ ڊور رستا ڳولڻ بدران عزت وارن رستن مان هڪ جي چونڊ ڪري، يا استعيفيٰ ڏئي يا ايوان ۾ اچي ۽ بي اعتمادي کي منهن ڏئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان طرفان احتجاج جي سڏ تي ڳڻتي آهي، ادارن کي چئون ٿا ته پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪن. جڏهن ته سپريم ڪورٽ اڄوڪي اجلاس جي ڪوريج ڪرڻ جي اجازت ڏئي. اطلاع آهي ته هارايل شخص جمهوري عمل کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو. پي ٽي آءِ جا بدمعاش اسلام آباد پهچڻ جي ڪوششن ۾ آهن. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته رمضان ۾ شيطان بند ٿي ويندو آهي، اڄ بني گالا جي شيطان کي بند ڪنداسين. اسان جي سحري نئين پاڪستان ۾ ٿيندي پر افطاري تائين اسان پراڻي پاڪستان ۾ داخل ٿي وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button