پاڪستانسنڌ

پيپلزپارٽي اقتدار لا سنڌ جي پٺي ۾ خنجر ھنيو آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پيپلزپارٽي اقتدار جي عارضي مفادن لا سنڌ جي پٺ ۾ خنجر ھنيو آھي، پيپلزپارٽي (ن) ليگ کي چئي ايم ڪيو ايم سان نوان صوبا ٺاھڻ جو ٺاھه ڪري سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ڪئي آھي، پيپلزپارٽي سنڌ جي راڄڌاني ۽ حيدرآباد انتظامي طور ايم ڪيو ايم حوالي ڪيا آھن، ھنن آئي جي سنڌ، چيف سيڪريٽري ۽ اھم وزاتون دھشتگردن مافيا کي ڏئي سنڌ جو سودو ڪيو آھي.

غدار حڪمران اقتدار ۽ پئسن لا ڪنھن به حد تائين وڃي سگھن ٿا، پ پ ۽ پي ڊي ايم عمران خان کي اقتدار مان لاھڻ لا جيڪو به ڪن، سندن مرضي پر سنڌ جي سوديبازي جي مزاحمت ڪنداسين، اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ، (ن) ليگ ۽ پي ڊي ايم جي ايم ڪيو ايم سان معاهدي کي مڪمل رد ڪريون ٿا، هن معاهدي سان سنڌ جي تاريخي حقن ۽ اختيارن جي ورڇ ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button