اسلام آبادپاڪستان

عمران کي بي اعتمادي ۾ هارائڻ کانپوءِ ڌمڪين جو جواب ڏيڻو پوندو:شهبازشريف

اسلام آباد : نواز ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان شڪست مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اهڙي ريت هو قوم کي ورهائڻ جي سازش ۾ ملوث آهي. عمران خان کي بي اعتمادي ۾ شڪست کانپوءِ ڌمڪين جو جواب ڏيڻو پوندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته عمران خان جي غير جمهوري سوچ کي آئين موجب دفن ڪنداسين. عمران خان آئين ۽ قانون جي خلاف رستو اختيار ڪري رهيو آهي. آزاد قوم جيان جيئرو رهڻو آهي ته اسان کي ڪستو ڀڃڻو پوندو، مون سدائين چيو پاڻ تي نه ڀاڙينداسين ته آزادي نه هوندي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي عمل ۽ ڌمڪين سان پنهنجي حامين کي اڪسائي رهيو آهي. عمران خان کي بي اعتمادي ۾ شڪست کانپوءِ ڌمڪين جو جواب ڏيڻو پوندو. سڀني ميمبرن کي ووٽ وجهڻ جو حق آهي، احترام ڪرڻ گهرجي. اميد ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ووٽ جو حق ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button