اسلام آباد : جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان هارايو ناهي پر ذلت ۽ خواري سان ڀڄي ويو آهي.قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ رد ڪرڻ تي رد عمل جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سموري قوم ڄاڻي ٿي ته تحريڪ جعلي وزيراعظم خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ ايجنڊا تي هئي پر هڪ غير لاڳاپيل خط جو سهارو وٺي ڪري ايجنڊا کي نظر انداز ڪري بي اعتمادي رٿ کي رد ڪرڻ جي ڪريل حرڪت ڪئي وئي ۽ پوري ملڪ کي هڪ سياسي بحران ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري ذميوار عهدي تان ايتري وڏي چريائپ ڏٺي وئي آهي. هن چيو ته اڄ جيڪو ڪجهه ٿيو، عمران خان ڊڪٽيٽرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو. هن هارايو ناهي پر انتهائي ذلت ۽ خواري سان ڀڳو آهي. عمران خان ڪوشش ڪئي ته مان جنهن گھر ۾ نه رهان اتان جا در، ڀتيون، ٿانو ۽ ٻيو سامان ٽوڙيو وڃي. اهڙو ڪم بيوقوف ئي ڪري سگھي ٿو. سندس چوڻ هو ته هر هر قوم کي آگاهه ڪيو هو ته هي ماڻهو پنهنجي دماغي ۽ ذهني ڪيفيت جي بنياد تي ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ جي صلاحيت نٿو رکي. ناجائز رستي سان اقتدار ۾ ايندڙ ناجائز رستي سان ڀڄي ويو پر اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ پنهنجي جاءِ تي قائم آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close