اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ۽ صدر جا سمورا حڪم عدالت جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندا:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ رياستي عهديدارن کي آئين کان مٿانهين ڪنهن به قدم کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته وزيراعظم ۽ صدر جا سمورا حڪم سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندا. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري طرفان اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال جي حوالي سان چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو. ان حوالي سان چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ معاملي جي شنوائي ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اعجاز الاحسن شامل آهن. ان دوران سپريم ڪورٽ رياستي عهديدارن کي ڪنهن به آئين کان مٿانهين قدم کڻڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته سياسي جماعتون پرامن رهن، ڪو عدالت کان مٿانهون قدم نه کنيو وڃي. عدالت عظميٰ شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم ۽ صدر جا سمورا حڪم سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندا. عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کي ملڪ ۾ امن امان بابت قدمن کان آگاهه ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو. چيف جسٽس چيو ته رمضان شريف آهي، شنوائي کي اينگهائڻ نٿا چاهيون. ڪو حڪومتي ادارو غير آئيني حرڪت نه ڪندو. سموريون سياسي جماعتون ۽ حڪومتي ادارا ان صورتحال مان فائدو نه کڻندا. جسٽس عمر عطا بنديال حڪم ڏنو ته امن امان جي صورتحال کي برقرار رکيو وڃي، عدالت جو حڪم اڄ لاءِ اهو ئي آهي. عدالت حڪم ڏنو ته گهرو سيڪريٽري ۽ بچاءَ وارو سيڪريٽري امن امان جي صورتحال بابت عدالت کي آگاهه ڪن ۽ رياستي ادارا ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان جي صورتحال برقرار رکن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان اسيمبلي جي ڪارروائي جي مداخلت نه ڪرڻ جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 69 بابت ڪافي محتاط آهيون، اسيمبلي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان بابت اڄ شنوائي ۾ غور ڪنداسين. عدالت سوال ڪيو ته جڏهن ٻاهرين سازش بابت نه ڪا شنوائي ٿي نه ئي ڪو نتيجو سامهون آيو ته اسپيڪر عدم اعتماد جي رٿ کي رد ڪرڻ لا آئين جي آرٽيڪل 5 جو سهارو ڪيئن وٺي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي جي درخواست مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي قدمن جو جائزو وٺندي. عدالت ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جو معاملو به بحث هيٺ آيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسيمبلي ميمبرن جو احتجاج رجسٽرڊ ٿي ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته پاڻمرادي نوٽيس ۾ صدر کي ڌر بڻائي ٿا ڇڏيون، اڄ 63 اي صدارتي ريفرنس جي مختصر شنوائي کانپوءِ شنوائي ڪنداسين، اهو انتهائي اهم معاملو آهي. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ڇو ملتوي ٿيو؟ اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس امن امان جي خراب صورتحال تي ملتوي ٿيو.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قومي اسيمبلي جي ڪارروائي کان اسان آگاهه آهيون. پنجاب اسيمبلي جي صورتحال تي درخواست ايندي ته ڏسنداسين.اعظم نذير تارڙ چيو ته اياز صادق اسيمبلي جي ڪارروائي هلائي، ٻه سئو کان وڌيڪ ميمبرن بي اعتمادي تي ووٽ ڏنو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان تي صحيح ڪنداسين، جذباتي ڳالهيون نه ٿينديون، آئين کي ڏسڻو آهي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ بار ۽ سياسي جماعتن کي پاڻمرادي نوٽيس ۾ ڌر بڻائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جج سموري صورتحال کان آگاهه آهن، تنهن ڪري وڌيڪ شنوائي اڄ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button