اسلام آباد :گڏيل اپوزيشن مطالبو ڪيو آهي ته غير قانوني ۽ غير آئيني حڪومتي قدمن تي شنوائي اعليٰ عدالت جي فل ڪورٽ ٻڌي. ڪالهه هنگامي صورتحال کانپو گڏيل اپوزيشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب عمران نيازي اڄ ملڪ ۽ آئين خلاف بغاوت ڪئي آهي، آئين جي بغاوت جي سزا آئين جي آرٽيڪل 6 ۾ لکيل آهي. گڏيل اپوزيشن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي اعليٰ عدليا آئين سان بيهندي ۽ آئين ٽوڙڻ سان پيدا ٿيل بحران تي منصفاڻو فيصلو ڪندي.گڏيل اپوزيشن جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته اعليٰ عدليه عادلاڻو ۽ دستور جي روشني ۾ فيصلو صادر فرمائيندي. گڏيل اپوزيشن موجب چيف جسٽس جو صورتحال جو نوٽيس وٺڻ واري قدم جي واکاڻ ڪريون ٿا. چيف جسٽس ۽ ججز جي فوري ڪارروائي ۽ مختصر حڪم جاري ڪرڻ جي آجيان ڪيون ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران نيازي جي هن بغاوت جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، اڄ ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. آئين، جمهوريت، قانون ۽ سياسي اخلاقيات خلاف بغاوت ڪئي وئي. گڏيل اپوزيشن چيو ته اسپيڪر سميت سموري حڪومتي ٽولي جي غيرآئيني ۽ غير پارلياماني قدمن ۽ روين جي مذمت ڪريون ٿا، ايوان ۾ گڏيل اپوزيشن پنهنجي واضح اڪثريت ثابت ڪري چڪي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close