اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن کي ته اڃا تائين سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هي ڇا ٿيو:عمران خان

اسلام آباد : وزيراعطم عمران خان چيو آهي ته جڏهن ملڪ جي اعليٰ سطح جي سيڪيورٽِي باڊي ٻاهرين سازش جي تصديق ڪري ڇڏي ٿي ته پوءِ ان کان پوءِ نمبر گيم ۽ بي اعتمادي رٿ تي ڪارروائي بي معنيٰ بي مقصد هئي. وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن جڏهن مان شام جو آيو هيس ته مون کي اوهان کي چوڻو پيو هو ته گهٻراڻو نه آهي، هاڻي مان اوهان کي تفصيل سان سمجهائڻ چاهيان ٿو ته ڇا ٿيو آهي. ڇو ته اپوزيشن کي ته اڃا تائين سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هي ڇا ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نيشنل سيڪيويٽي ڪائونسل واضح طور چيو هو ته هن خط ۾ ٻاهرين سازش آهي جيڪو پيغام اسان جي سفير کي ڏنو ويو، ان تي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ بحث ٿيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ اسان جا سمورا سيڪيورٽي چيفس سميت سڀ ويٺا هئا، اتي انهن جي سامهون آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ۽ آمريڪا پاران ان جي نمائندي جي آفيشل ميٽنگ جو تفصيل شيئر ڪيو ويو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي ته هي پلان ٻاهران ٺهيو هو، جنهن تحت پاڪستان جي اندروني سياست ۾ مداخلت ڪئي وئي. هن چيو ته اسان کي جيڪي ماڻهو ڇڏي ويا ۽ لوٽا ٿيا انهن سان سفارتخاني جاماڻهو ملندا هئا. انهن جو ڇا ڪم هو، ان سڀ جو تعلق بي اعتمادي رٿ سان هو. وزيراعظم چيو ته مان اوهان کي هي ڳالهيون رات ٻڌائي نه پئي سگهيس ڇو ته جيڪڏهن مان گذريل ڏينهن سڀني کي ٻڌائي ڇڏيان ها ته اهي صدمي ۾ نه هجن ها. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان عام چونڊن تي گڏيل اپوزيشن جي ردعمل کي حيران ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي عام چونڊن جي مطالبي تي پي ڊي ايم جو ردعمل حيران ڪندڙ آهي. اهي رڙيون ڪري چئي رهيا هئا ته حڪومت ناڪام ۽ عوامي حمايت وڃائي چڪي آهي. هن لکيو ته حڪومت عوام جي حمايت وڃائي چڪي آهي ته هاڻ چونڊن کان خوف ڇو؟ جمهوري ماڻهو حمايت لاءِ عوام وٽ ئي ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته ڇا پي ڊي ايم لاءِ بهتر ناهي ته سازش جو حصو بڻجڻ بجاءِ اليڪشن قبول ڪري. پي ڊي ايم سرعام وفاداريون خريد ڪري اخلاقيات تباهه ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button