اسلام آبادپاڪستان

ريڊ زون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پي ٽي آئي جون 3 ڪارڪن عورتون گرفتار

اسلام آباد:اسلام آباد ۾ بي اعتمادي رٿ جي ڏينهن ريڊ زون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جون 3 عورتون ڪارڪن گرفتار ڪيون ويون. بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ لاءِ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. پارليامينٽ هائوس ۽ ڊي چوڪ ويندڙ رستن کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ريڊ زون ۾ ڪنهن به پارٽي جي ڪارڪنن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي. اسلام آباد پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 3 عورتون ريڊ زون ۾ ڊرامو ڪري رهيون هيون پوليس اهلڪارن پاران وائرليس تي پي ٽي آئي ڪارڪنن جي موجودگي کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي ٽنهي عورتن کي پارليامينٽ جي مرڪزي گيٽ آڏو پهچڻ تي حراست ۾ورتو ويو. ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن کي ريڊ زون کان ٻاهر بيٺل سياسي پارٽين جي ڪارڪنن تي سخت نظر رکڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button