پيرولاشاري: پيرولاشاري پريس ڪلب آڏو ڳوٺ زبير اوٺو جي رھواسين زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي نواز اوٺو، غلام قادر اوٺو، رياض احمد اوٺو ۽ ٻين چيو ته ديھه ولھار ۾ اسان جي ما جي نالي سروي زرعي زمين آهي، جنهن جي ايراضي ساڍا 4 ايڪڙ آھي. هنن چيو ته بااثر ماڻهن علي محمد اوٺو، نور حسن، اقبال حسن، مير حسن اوٺو ۽ ٻين بااثر ھئڻ سبب زبردستي اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آھي.
ھنن چيو ته بااثر وڏيري جي خلاف تلھار پوليس ڪنھن به قسم جي ڪارروائي نٿي ڪري. ھنن چيو ته گذريل رات اسان جي سروي زمين ۾ وڏيري ٽريڪٽر وٺي وڃي زمين کيڙي ڪرائي، جيڪا اسان ھن کي منع ڪئي ته وڏيرو ۽ ان جا پٽ اسان سان لٺيون کڻي وڙهڻ لڳا. ھنن ٻڌايو ته اسان رات جو 2 بجي تلھار ٿاڻي تي پھچي ڪيس داخل ڪرايو، پوليس سرزمين تي پھچي جوابدار سان ملي واپس ھلي وئي، هنن مطالبو ڪيو ته بااثر ڌرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان جي سروي زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.