ھالا: هالا ۾ واپارين ۽ دڪاندارن هٿرادو اگھه وڌائي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري ڇڏي، پورھيت طبقو مھانگائي جي چڪي ۾ پيڙھجي ويو، تعلقي جي اڪثر شھرن ھالا، ڀاڻوٺ، ھالاپراڻا، خاڻوٺ، کنڊو، ڀٽ شاھه سميت ننڍن وڏن شھرن ۾ مھانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آھي، واپارين ۽ دڪاندارن رمضان جي ڀلاري مھيني جو احترام نه ڪندي کاڌي پيتي جي سڀني شين فروٽ، ڀاڄين، گوشت، مڇي، اٽو، کاڄرو تيل، کنڊ ۽ چانورن جا اگھه وڌائي ڇڏيا آهن.
شهرين سردار اياز ميمڻ، عبدالرحيم ميمڻ، اسدالله ميمڻ، شاھزيب سومرو ۽ ٻين ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آھي ته واڌو اگهھ وٺندڙ واپارين ۽ دڪاندارن خلاف سخت قدم کڻي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب طبقي کي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي طرف حڪومت طرفان غريبن کي سستي اگھه تي شيون فراھم ڪرڻ لا قائم ڪيل يوٽلٽي اسٽور مان به غريبن کي ڪو لاڀ حاصل نه ٿي سگھيو آھي.