ملير: گھگھر ڦاٽڪ ڀرسان سنڌ حڪومت جي اربين روپين جي زمين تي قبضو جاري، بااثر لينڊ مافيا پوليس ۽ روينيو جي مدد سان قبضا ڪرڻ ۾ رڌل، خبر موجب: گهگهر ڦاٽڪ پاڪ لينڊ سيمنٽ فيڪٽري روڊ جي ٻنهي پاسن تي سنڌ سرڪار جي اربين روپين جي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، قديمي ڳوٺن جي آڙ ۾ سنڌ سرڪار جي روينيو ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيلي کاتي جي زمين تي علائقي جي بااثر لينڊ مافيا هزارين ايڪڙن تي قبضو ڪري وڪرو ڪري ڇڏي آهي لينڊمافيا، پوليس ۽ روينيو جي مدد سان ٻيلي کاتي جي زمين سميت ڳوٺن جي آسپاس پيل راندين جي گرائونڊن، عيدگاهن، فيملي پارڪن، قبرستانن، فلاحي پلاٽن توڙي زمينن تي قبضا ڪري اربين رپين جي زمين ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، ٻيلي کاتي جي ڊويزنل آفيسر اساما انور جو چوڻ آهي ته ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، جتي ڪارروائي ڪري اسان سوين ايڪڙ زمين لينڊمافيا کان ڇڏائي ورتي آهي.
اساما انور چيو ته اسان چاهيون ٿا ته گهگهر ڦاٽڪ جي ڀرسان هڪ تمام وڏو عربن فاريسٽ لڳائي ماحول کي آلودگي کان بچايون، هن چيو ته هن وقت به هزارين ايڪڙ زمين لينڊ مافيا جي قبضي ۾ آهي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ملير، ايس ايس پي ملير، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي لکت ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ چيو آهي. هوڏانهن روينيو آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا زمين خالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن ڀيري لينڊمافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته قبضن ۾ سڌي طرح علائقي جا بااثر ۽ سياسي ماڻهو ملوث آهن، جنهن سبب ڪارروائي ڪرڻ کان آفيسر لنوائي رهيا آهن، علائقي جي لينڊمافيا غيرقانوني طريقي سان اربين رپين جي زمين وڪرو ڪرڻ ۾ رڌل آهي.