ٽنڊوغلام حيدر: ٽنڊوغلام حيدر ۾ ڳوٺ علي محمد چانگ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي تحفظ لا احتجاج ڪيو، نوجوان قربان چانگ ۽ زليخان چانگ “سنڌ ايڪسپريس” اڳيان دانهيدي چيو ته اسان سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي، جنهن کانپو مائٽ اڪبر چانگ، امير بخش چانگ، مارو چانگ ۽ ٻيا اسان جي جانين جا ويري ٿي ويا آھن ۽ زندگين کي خطرو آهي ۽ خدشو آهي ته ڪيڏي مهل به اسان کي ماري ڇڏيندا. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي جاني خطرو آھي، تحفظ فراهم ڪري ڏنو وڃي ۽ اسان جي مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close