پاڪستانسنڌ

شيخ ڀرڪيو لڳ نينگر سان بدفعلي، الزام هيٺ آيل نوجوان گرفتار

شيخ ڀرڪيو: شيخ ڀرڪيو ڀرسان راڄونظاماڻي ۾ نينگر سان بدفعلي، ڪيس داخل، بدفعلي جي الزام هيٺ آيل نوجوان گرفتار، خبر موجب شيخ ڀرڪيو لڳ ڳوٺ راڄونظاماڻي ۾ 15 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي ڪئي وئي آهي، بدفعلي جو شڪار ٿيل نينگر جي پي جي فرياد تي شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي سندس پٽ سان بدفعلي جي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آھي.

بدفعلي جي الزام هيٺ آيل راڄو نظاماڻي جي رهواسي نوجوان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، متاثر نينگر جي پي ميڊيا وارن اڳيان الزام هڻندي چيو ته منهنجي پٽ کي جوابدار شي وٺي ڏيڻ جي بهاني ڳوٺ ٻاهران فصل ۾ وٺي وڃي بدفعلي ڪئي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار وڏي ناانصافي ڪئي آهي، کيس سزا ڏئي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button