پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ نينگري جو جبري نڪاح ڪرايو ويو، مامي تي الزام

جهڏو: جهڏي ۾ نينگري جو جبري نڪاح ڪرايو ويو، مزاحمت تي سالي فائرنگ ڪري ڀيڻويي کي زخمي ڪري ڇڏيو، متاثر ڌر جي ماڻهن انصاف لا احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب جهڏي ۾ رهواسين عبدالله لغاري، مٺو لغاري، سڪندر لغاري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏجي ميڊيا سينٽر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عبدالله لغاري صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي گهرواري جو ذهني توازن درست نه آهي، آئون مزدوري ڪرڻ ويل هئس ته منهنجي غير موجودگي منهنجي سالي يامين لغاري پئسن عيوض منهنجي 12 سالن جي ڌيءَ نسرين جو هشمت ولد دلبر لغاري سان نڪاح ڪرائي ڇڏيو، اهڙي خبر پوڻ تي آئون جڏهن گهر پهتس ته بااثر ماڻهن دلبر، پهلوان ۽ يامين مون تي سڌي فائرنگ ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ ته آئون اکين کان نابين آهيان، منهنجي سالي ڏاڍ جي زور تي 5 لک رپيا وٺي منهنجي نياڻي جو جبري نڪاح ڪرائي مون سان ظلم جي انتها ڪئي آهي، مون کي بااثرن مان سخت جاني خطرو آهي. هن سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آئي جي سنڌ کان اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button