مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد ٻهراڙي سرهاڻ اعجاز ابڙو جي سربراهي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪري ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا. ان موقعي تي مختيارڪار حيدرآباد ٻهراڙي عمران کوکر، مختيارڪار ڪچي آباد غلام مصطفى شر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صحافين سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر سرهاڻ اعجاز ابڙو چيو ته اسان اينٽي انڪروچمينٽ ڪورٽ جي حڪم تحت ڪارروائي ڪئي آهي، هي دڪان سرڪاري کڏ تي تعمير ٿيل هئا. ٻئي مرحلي ۾ مسوڀرڳڙي ۾ ناجائز اڏاوتن خلاف ڪارروائي جاري رهندي، دڪاندارن کي ڪجهه ڏينهن اڳ نوٽيس جاري ڪيا هئا. هوڏانهن تحريڪ انصاف حيدرآباد جي اڳواڻ ولي محمد لغاري چيو ته انڪروچمينٽ جي آڙ ۾ هزارين ماڻهن جو روزگار کسيو پيو وڃي، پ پ ماڻهن کي هيسائڻ لاءِ حددخليون هٽائي رهي آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ ڳوٺاڻن کي هيسائڻ لا اوچتو انڪروچمينٽ جي آڙ ۾ دڪان ڊاٺا ويا آهن. ياد رهي ته سال اڳ اڳوڻي يوسي چيئرمين منظور شاہه جي ڀا ٻڍل شاھه حددخليون هٽائڻ لاءِ انڪروچمينٽ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. آپريشن دوران ايس ايڇ او ڇلگري تنوير شاهھ ۽ انڪروچمينٽ فورس جا اهلڪار موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close