ميھڙ : ميهڙ ڀرسان ڳوٺ رحيمداد سوھو جي رھواسين ٽن ڀينرن حميدان سوھو، فريدان، ساجدان سوھو پنھنجي پيرسن پي عبدالرحمان سوھو سان گڏ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي ميهڙ پوليس ۽ بااثر جوابدارن خلاف احتجاج ڪندي ۽ دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته 15 ڏينھن اڳ جوابدار روشن سوھو ۽ ان جي زال اسان کي نشو ڏئي اسان جي گھر مان اسان ٽن ڀينرن جو 10 لک روپين جي ماليت جو سون، 8 ھزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آھن، جنھن جو پيرو جوابدار روشن سوھو جي گھر ۾ ئي لڳو ھو ۽ اي سيڪشن پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد ڏيتي ليتي بعد ڇڏي ڏنو آھي. هنن ايس ايس پي دادو کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close