سن: سن ۾ مانجھند ٽائون جي ملازمن 6 مھينن جون پگھارون نه ملڻ خلاف دريا خان برھماڻي، نظر خاصخيلي ۽ شريف قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي. هنن چيو ته گذريل 6 مھينن کان ٽائون ملازمن جون پگھارون جاري نه ٿي سگھيون آهن، جنهن سبب رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به گهرن ۾ فاقاڪشي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته مانجھند ٽائون جي سمورن ملازمن جون 6 مھينن کان رھيل پگھارون جاري ڪيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close