عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ مطلب سولنگي ۽ سندس گھرواري خديجه سولنگي پريس ڪلب اڳيان سنيل سوني ۽ روي سوني خلاف احتجاج ڪيو. هنن الزام هنيو ته گذريل 14 سالن کان اسان جو اڍائي تولا سون امانت طور کڻي آيا هئا، ھاڻ اهو مڃڻ لا تيار ناھن، اسان وٽ لکت موجود آھي. روي سوني اسان کي وھنوار ڪرڻ بدران ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، اسان اھڙي درخواست ايس ايڇ او سٽي عمرڪوٽ کي به ڏني، پر پوليس انصاف ناهي ڏياريو. اسان هفتي کان دربدر آھيون، اسان جنهن وقت ٿاڻي تي درخواست ڏني ته بيشم سونارو وچ ۾ آيو ۽ اسان کي خاطري ڪرائي ته ٻن ڏينهن اندر اوهان جو معاملو حل ٿو ڪريان، پر ڪجهه نه ٿيو. هنن آئي جي سنڌ کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close