اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عمران خان جي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ آئين ٽوڙيندي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي، آئين ٽوڙيندڙن ۾ صدر ۽ عمران خان سازش ڪئي، عوام جون ديدون سپريم ڪورٽ ۾ آهن. صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعطم چيو ته چئن سالن کان نام نهاد احتساب جو عمل جاري آهي، ڳالهه هاڻي احتساب کان گهڻو اڳتي هلي وئي آهي.
هن چيو ته هاڻي ملڪ جي آئين کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڏسڻ چاهيون ٿا ته ڇا سپريم ڪورٽ آئين جو دفاع ڪندي. هن چيو ته پهريان آئين ٽوڙِندڙن جي خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ها اڄ آئين ٽوڙيندڙن کي مڙهيو ويو، آئين ڇو ٽوڙيو ويو. هن چيو ته عمران خان جي ڪرپشن سامهون اچي رهي آهي، عمران خان جي ڪرپشن لڪائڻ ۾ لاءِ آئين ٽوڙيو ويو.