اسلام آباد: (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪابه حڪومت ناهي، ايوان صدر ۽ وزيراعطم هائوس تي آئين ٽوڙيندڙ ٽولي جو قبضو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب 3 اپريل تي پاڪستان جي آئين ۽ عوام سان تاريخي فراڊ ڪيو آهي. هن چيو ته آئين ٽوڙيندڙ ٽولو 22 ڪروڙ عوام ۽ آئين سان خطرناڪ گيم کيڏي رهيو آهي ملڪ ۾ پي سي او ۽ قبضي واري حالت آهي.
هن چيو ته آئين معطل ۽ ملڪ سنگين آئيني سياسي معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي، عمران خان جي حڪمن جي ڪابه آئيني ۽ قانوني حيثيت نه آهي. هن چيو ته عمران خان جو جيڪو به حڪم مڃيندو، هن ڏوهه ۾ حصيدار هوندو ۽ آرٽيڪل 6 کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان ساڍا 3 سال معيشت پارليامينٽ اليڪشن ڪميشن ميڊيا سميت ٻين ادارن کي يرغمال بڻايو.