نئون ڪوٽ : نئون ڪوٽ ريلوي اسٽيشن جي رھواسي بيوھه عورت لال ٻائي زال مرحوم مھون پنهنجي پٽ عبدالرزاق خاصخيلي سان گڏ ميڊيا سينٽر پھچي صحافين اڳيان دانھيدي چيو ته ريلوي اسٽيشن تي مائي ملوڪان عرف زرينه ڪچو شراب ھلائي رهي آهي، اسان جو گهر پاسي ۾ ھجڻ سبب اھڙي ڪڌي عمل کان منع ڪئي ته منهنجي پٽ عبدالرزاق خاصخيلي مٿان ڪوڙو زنا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، ڪيس مان ضمانت تي آزاد ٿيو، جنهن بعد مٿس ٻڪري چوري جو الزام ھڻي تنگ ڪيو پيو وڃي، مائي ملوڪان عرف زرينا خلاف ٺرو وڪرو ڪرڻ خلاف ٿاڻي تي وياسين ته پوليس درخواست وٺڻ بدران داٻا ڏئي ڪڍي ڇڏيو. بيوهه گهر ڪئي ته ايس ايس پي ميرپورخاص نوٽيس وٺي منشيات فروش عورت خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏياري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close