پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ٽيسٽن جي سهولتن نه هجڻ خلاف مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ مختلف بيمارين جون ٽيسٽون نه ٿيڻ ۽ دوائون نه ملڻ خلاف ڳوٺ روهيراڙو سمان جي رهواسين علي محمد سمون، بهادر سمون، ڪنبير سمون، بيوھه مروبت ٻائي،ڏاهلي ٻائي ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان مريض وٺي اسپتال وياسين، جتي صرف ايڪسري جي سهولت هئي، باقي سي بي سي سميت ٻي ڪا ٽيسٽ جي سهولت نه هئي،ڊاڪٽر ٽيسٽون ٻاهر جون لکي ڏنيون ۽ چيو ته ٽيسٽ ڪرائي اچو ته پو دوائون ڏينداسين، هاڻ اسان مسڪين ماڻهو ڪيڏانهن وڃون، سرڪاري اسپتال ۾ علاج جي سهولت ناهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي سرڪاري اسپتال ۾ سموريون سهولتون ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button