اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته نگران حڪومت جو قيام رڪيل آهي، ڪيس ترت اڪلائڻ چاهيون ٿا، سپريم ڪورٽ، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت ڪيس ۾ بي اعتمادي رٿ تي قومي اسيمبلي جي اجلاسن جي ڪارروائي جا تفصيل گهري ورتا، ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ معاملي تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس ۽ ڪيترن ئي ڌرين جي درخواستن تي شنوائي ڪئي، جنهن جي شروعات ۾ درخواستگذارن مان هڪ عورت روسٽرم تي اچي چيو ته آمريڪا ۾ مقرر رهندڙ سفير اسد مجيد کي گهرايو وڃي ته سب سامهون اچي ويندو. چيف جسٽس درخواستگذار عورت کي ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته سياسي پارٽين کي ٻڌنداسين. سينيٽر رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ميڊيا ۾ بيان آيو آهي ته ٽن مهينن ۾ چونڊون ممڪن نه آهن، ڪوشش آهي ته دليل مڪمل ٿين ۽ مختصر فيصلو اچي وڃي. چيف جسٽس چيو ته اسان به جلد ئي فيصلو چاهيون ٿا، جڏهن ته سمورين ڌرين جو موقف ٻڌي فيصلو ڏينداسين. رضا رباني چيو ته عدلت کي ڏسڻو آهي ته پارليماني ڪارروائي کي ڪنهن حد تائين ڇوٽ حاصل آهي، جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کي سويلين مارشل لا ئي ڇئي سگهجي ٿو، سسٽم پاڻمرادو ئي پنهنجو متبادل تيار ڪري ورتو، جيڪو غيرآئيني آهي.
رضا رباني چيو ته اسپيڪر جي رولنگ غيرقانوني هئي اسپيڪر جي رولنگ عدالت ۽ آئين کان مٿانهين نٿي ٿي سگهي، بي اعتمادي رٿ ووٽنگ بنا ختم نٿي ڪري سگهجي، آرٽيڪل 95 تحت ووٽنگ جو عمل ضروري هو. دليل جاري رکندي هن چيو ته مان ان ڏس ۾ آئين جي آرٽيڪل 6 جو حوالو ڏنو آهي، رٿ تي ووٽنگ لاءِ جاري ڪيل نوٽيس کانپوءِ ووٽنگ ضروري آهي، ووٽنگ آئين جي ڪمانڊ آهي. هن چيو ته رٿ جي خلاف بيانئي لاءِ خط جو سهارو ورتو ويو ۽ ٻاهرين سازش کي سبب بڻايو ويو، ڄاڻي واڻي بي اعتمادي رٿ جي خلاف بيانيو بڻايو ويو، رضا رباني چيو ته رٿ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس پهريان ئي دير سان گهرايو ويو هو ۽ 25 مارچ تي اجلاس گهرائي رڳو دعا کانپوءِ ملتوي ڪيو ويو، جڏهن ته ماضي ۾ ايئن نه ٿيو هو. هن چيو ته اجلاس کي ڪنهن بحث بنا 3 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو، 3 اپريل تي ووٽنگ ٿيڻي هئي ته فواد چوڌري اسيمبلي ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي خط ۽ ٻاهرين سازش کڻي آيو، جڏهن ته هي جز اجلاس جي ايجنڊي تي موجود نه هو، رضا رباني چيو ته 28 مارچ تي بي اعتمادي رٿ جي منظوري ٿي پر اجلاس ملتوي ڪيو ويو. هن عدالت کي ٻڌايو ته ڊپٽي اسپيڪر رولنگ پڙهي ۽ سمورن ميمبرن کي آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي ڪندڙ قرار ڏنو، ڊپٽي اسپيڪر اهو به اعلان نه ڪيو هو ته تفصيلي رولنگ جاري ڪنداسين. ڊپٽي اسپيڪر ڪنهن بنياد تي رولنگ ڏني ڪجهه نه ٻڌايو ويو. هن چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي سامهون عدالتي حڪم هو نه ئي سازش جي ڪائي انڪوائري رپورٽ، ڊپٽي اسپيڪر لکت رولنگ ۾ ڏئي، پنهنجي زباني رولنگ کي غيرموثر ڪري ڇڏيو، ان جي رولنگ آئين جي خلاف آهي. رضا رباني چيو ته بغير ڪنهن ثبوت جي ڊپٽي اسپيڪر جو اپوزيشن ميمبرن کي غدار قرار ڏيڻ غلط هو.
ڊپٽي اسپيڪر آئين تحت ڪارروائي نه وڌائي، اسپيڪر جي خلاف به بي اعتمادي رٿ جمع ٿي چڪي هئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر جا اختيار محدود ٿي وڃن ٿا. ٽن کان ستن ڏينهن ۾ ووٽنگ ڪرائڻي هوندي آهي پر وزيراعطم استيعفى ڏئي ته پوءِ بي اعتمادي رٿ غير موثر ٿي وڃي ٿي، ٻي صورت ۾ ٻيو ڪوئي آپشن نه هو ۽ نه آهي. هن چيو ته وزيراعظم جيڪڏهن اڪثريت وڃائي رهيو آهي ته کيس اعتماد جو ووٽ وٺڻو هوندو آهي، آرٽيڪل 95 تحت بي اعتمادي رٿ جي ڪارروائي ٿيندي آهي، رٿ دوران اسيمبلين کي تحليل نٿو ڪري سگهجي. ايتري قدر جو ووٽنگ جو عمل مڪمل ڪرڻ بنا اسيمبلي جو اجلاس به ختم نٿو ڪري سگهجي. رضا رباني دليل ڏيندي سوال اٿاريو ته ڇا اسپيڪر عدالتي فائنڊنگ کان سواءِ رولنگ ڏئي سگهي پيو. وزيراعطم پنهنجي بيان ۾ ٽن آپشن جي ڳالهه ڪئي ٽن آپشن واري ڳالهه جي اسٽيبلشمينٽ ترديد ڪئي آهي. رضا رباني اپيل ڪئي ته عدالت اسپيڪر جي رولنگ غيرآئيني قرار ڏئي نيشنل سيڪيورٽِ ڪميٽي جا منٽس ۽ خط گهرايو وڃي، عدالت اسپيڪر جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏئي اسيمبلي کي بحال ڪري. رضا رباني کانپوءِ (ن) ليگ جي مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 95 جي ماتحت شق هڪ تحت عدم اعتماد قرارداد جمع ٿي. جنهن تي 152 ميمبرن جون صحيحون آهن ۽ 161 ميمبرن جي حمايت تي اسپيڪر عدم اعتماد پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن ٻڌايو ته عدم اعتماد تي وڌيڪ ڪارروائي 31 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي، اين اي رولز 37 تحت 31 مارچ تي عدم اعتماد تي بحث ٿيڻو هو پر بحث نه ڪرايو ويو، پوءِ 3 اپريل تي عدم اعتماد تي ووٽنگ ٿيڻي هئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪوشش ڪريو ته ڪيس جلد مڪمل ڪريون ته جيئن ڪوئي فيصلو ڏئي سگهجي، دليل جاري رکندي مخدوم علي خان چيو ته عدالت بي اعتمادي رٿ جي ٺهراءَ کي ڏسي رٿ وزيراعطم کي هٽائڻ لاءِ جمع ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته وزيراعظم اڪثريت وڃائي چڪو آهي، چيف جسٽس چيو ته 31 مارچ تي التوا ڪيئن ڪيو ويو، اسپيڪر پاران ڪوئي آهي؟ اسان کي اجلاس جي ڪارروائي جا تفصيل ڏنا وڃن، اسپيڪر جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. مخدوم علي خان چيو ته 3 اپريل تي اجلاس شروع ٿيو، قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر ڪنهن کي موقعو ئي نه ڏنو ۽ رڳو فواد چوڌري کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني. وزيراعظم اڪثريت وڃائي ويهي ته هي پارلياماني جمهوريت جي خلاف آهي ته اهو وزراعظم رهي. جسٽس منيب اختر چيو ته بي اعتمادي رٿ تي ڪڏهن ڇا ٿيڻو آهي، هي رولز ۾ آهي، آئين ۾ نه آهي، رولز به آئين تحت ٺاهيا ويا آهن. ووٽنگ نه ٿيڻ آئين جي ڀڃڪڙي ڪيئن ٿي وئي، آئين مطابق ستن ڏينهن ۾ عدم اعتماد تي ووٽنگ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ووٽنگ اٺين ڏينهن ٿئي ته ڇا غيرآئيني هوندي.
(ن) ليگ جي وڪيل چيو ته بي اعتمادي رٿ جمع ٿي وڃي ته اسپيڪر رد نٿو ڪري سگهي. جسٽس منيب اختر چيو ته عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪيئن ڪرائڻي آهي، طور طريقي بابت آئين خاموش آهي. (ن) ليگ جي وڪيل چيو ته عدم اعتماد جي طريقيڪار بابت رولز موجود آهن، بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جي پهرين شرط 20 سيڪڙو ميمبرن جي حمايت آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نعيم بخاري اسپيڪر جو وڪيل آهي، منٽ گهرايو. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا بي اعتمادي رٿ ۾ غيرقانوني سببن کي جانچي سگهجي ٿو. وڪيل ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ کي بي اعتمادي رٿ ۾ موجود غيرقانوني سببن کي به جانچڻ جو اختيار حاصل آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا ڊپٽي اسپيڪر اسپيڪر کان اجازت وٺڻ بنا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. ڊپٽي اسپيڪر جو اسپيڪر جي اختيارن کي استعمال ڪرڻ آئيني آهي يا غيرآئيني. (ن) ليگ جي وڪيل چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جو اسپيڪر جي اجازت بنا اختيار استعمال ڪرڻ غيرآئيني آهي ڊپٽي اسپيڪر رولنگ پڙهندي وقت اسپيڪر جو نالو به ورتو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ پرڏيهي پاليسي يا رياستي پاليسي جو تعين نٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ کي صرف آئين ۽ قانون کي ڏسڻو آهي، اسان رياستي پاليسي جي ڳولا جو ڪم نٿا ڪري سگهون. مخدوم علي خان چيو ته سپريم ڪورٽ سيڪيورٽي ادارن کي گهرائي مڪمل بريفنگ وٺي سگهي ٿي، مان پنهنجي سياسي پارٽين جي اڳواڻن طرفان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. سپريم ڪورٽ جيڪڏهن چاهي ته عالمي سازش بابت انٽيليجنس ٽيم کان ان ڪئميرا بريفنگ وٺي سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته اسان في الحال آئين ۽ قانون کي ڏسي رهيا آهيون، مخدوم علي خان چيو ته عدالت غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدمن تي جڊيشل نظرثاني ڪري سگهي ٿي، عدالت ۾ سنڌ بار ڪائونسل به ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ سنڌ بار ڪائونسل موقف اختيار ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي 3 اپريل جي رولنگ غيرآئيني ۽ قانون جي خلاف آهي، سپريم ڪورٽ کي درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته اسپيڪر کي حڪم ڏنو وڃي ته فوري آرٽيڪل 95 تحت ان تي ڪارروائي ڪئي وڃي، درخواست ۾ اها به اپيل ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 52 جي وضاحت ڪندي قرار ڏئي ته وزراعطم جي صدر کي موڪليل سمري بي وقت هئي. درخواست ۾ چيو ويو ته وزيراعطم کي اختيار نه هو ته موجوده حالتن ۾ صدر کي اهڙي قسم جي سمري اماڻي سگهي، وزيراعظم جي سمري تي صدر جي ڪارروائي کي غيرآئيني قرار ڏنو وڃي.