حيدرآباد: پ پ حيدرآباد جي قيادت چيو آهي ته عمران خان عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿيڻ بعد اسميبليون ٽُوڙي آئين کي لتاڙيو آهي. گذريل ڏينهن پ پ حيدرآباد پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 43 هين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ قرآن خواني بعد دعا گهري وئي. ان موقعي تي پ پ ضلعي صدر صغير قريشي چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، عمران خان آمرن جيان آئين کي لتاڙيو، شهيد ڀٽو جي ڪري ملڪ ائٽمي طاقت بڻيو. پ پ ضلعي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتو چيو ته شهيد ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي، جنهن سبب ملڪ کي وڏو نقصان پهتو. پي ايس 66 جي صدر پاشا قاضي چيو ته عمران خان ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪيو آهي، اهڙو ماڻهو ٻيهر وزيراعظم ٿيو ته ملڪ جي بچيل معيشت به تباهه ڪري ڇڏيو، پنهنجي سرڪار بچائڻ لا هن ڪوڙي خط جو ذڪر ڪيو ۽ آمريڪا مٿان سازش جو الزام هڻي ملڪي معيشت لا مسئلا پيدا ڪيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close