اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون. اڄ خميس تي فيصلو ڪنداسين ته پنجاب اسيمبلي جو معاملو ٻڌون يا لاهور هاءِ ڪورٽ اماڻيون. (ن) ليگ جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته پنجاب اسيمبلي جا دروازا نه پيا کوليا وڃن، دلي ڏک ٿي رهيو آهي. پنجاب صوبو 6 ڏينهن کان وڏي وزير کان سواءِ هلي رهيو آهي. حڪومت وٽ اڪثريت نه آهي، ان لاءِ اليڪشن نه پئي ٿيڻ ڏني وڃي. چيف جسٽس چيو ته پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون، پنجاب اسيمبلي جو معاملو ننڍو نه آهي جو مختصر حڪم نامو پاس ڪرڻ شروع ڪريون. چيف جسٽس چيو ته اسان پهريان قومي اسيمبلي جي معاملي تي فيصلو ڪرڻ چاهيون ٿا. قومي اسيمبلي ميمبرن هر قسم جي حالتن جي باوجود نهايت مودبانو رويو رکيو. قومي اسيمبلي ميمرن جي سٺي رويي کي ساراهيون ٿا. پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري جي وڪيل جو چوڻ هو ته اسيمبلي ۾ گهڻي ڀڃ ڊاهه ٿي هئي تنهنڪري اجلاس 16 اپريل تائين ملتوي ٿيو. صبح کان ڊپٽي اسپيڪر گم آهي، ان سان رابطو نه پيو ٿئي. شام ٿيندڙ اجلاس جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي. چيف جسٽس مطابق سسٽم تعاون نه پيو ڪري ته آئيني عهديدار اختيار استعمال ڪري سگهن ٿا. ڊپٽي اسپيڪر چاهي ته اجلاس باغ جناح ۾ به گهرائي سگهجي ٿو. ذريعن مطابق چيف جسٽس چيو ته تڪڙ ۾ پنجاب اسيمبلي بابت ڪوئي حڪم نٿو ڏئي سگهجي، پنجاب ۾ آئيڊيل حالتون آهن ته عوام سان رجوع ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close