اسلام آباد :وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ظاهري طور تي بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي هئي پر ووٽنگ واري ڏينهن رولنگ اچي وئي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جا منٽس ڪٿي آهن. ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ نئين روايت قائم ڪئي ۽ هڪ نئون رستو کولي ڇڏيو. جيڪو ٿيو، ان کي ٿيڻ ڏنو ويو ته ان جا ڪافي منفي اثر ٿي سگهن ٿا. اهو واضح آهي ته عدالت پارليامينٽ جي ڪارروائي ۾ تڏهن مداخلت ڪري سگهي ٿي جڏهن آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي هجي. سپريم ڪورٽ جو چوڻ آھي تھ آرٽيڪل 69 پنھنجي جاءِ تي پر جيڪو ٿيو ان جو مثال ڪٿي نٿو ملي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ڪالهه به ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران مسلم ليگ(ن) جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته مون کي هڪ منٽ لاءِ ٻڌو وڃي، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي اڄ اجلاس ٿيڻ جو يقين ڏياريو هو، پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي هدايتن تي عمل ناهي ٿي رهيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي انتهائي اهميت جوڳو ڪيس شنوائي هيٺ آهي. 3 اپريل تي قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ٿيو ان تي شنوائي پهريان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. عدالت جي باري ۾ منفي ڪمنٽس ڪيا پيا وڃن، چيو پيو وڃي ته عدالت معاملي ۾ دير ڪري رهي آهي. اسان کي سڀني کي ٻڌي فيصلو ڪرڻو آهي. هڪطرفي ڪارروائي نٿا ڪري سگهون. پنجاب اسيمبلي جو معاملو آخر ۾ ڏسنداسين. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اڄ ڪيس کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي يقين ڏياريو هو. اعظم نذير تارڙ چيو ته پنجاب اسيمبلي جو معاملو به اسلام آباد جي معاملي جي ايڪسٽينشن آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کان پڇنداسين ته ڪهڙي قانون جي تحت اجلاس ملتوي ڪيو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته سموريون سياسي پارٽيون عدالت جي سامهون ڌر آهن. ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڌر نه آهن. بلوچستان عوامي پارٽي، پي ٽي ايم ۽ جماعت اسلامي به ڌر نه آهي. راهه حق پارٽي جي به پارليامينٽ ۾ نمائندگي آهي پر هو عدالت جي سامهون ڌر ناهي. پاڻمرادو نوٽيس جي هميشه حمايت ڪئي. ٿورو ادا ڪريان ٿو ته اوهان پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ قوم سان مهرباني ڪئي. ان دوران چيف جسٽس بابر اعواڻ جي دليلن تي ريمارڪس ڏنا ته ڇا اسپيڪر کي اختيار آهي ته هو ايجنڊا کان هٽي ڪري رولنگ ڏيئي، ڇا اسپيڪر بي اعتمادي رٿ جي آئيني شق کي ٽوڙڻ جو اختيار آهي؟ ڇا اسپيڪر آئيني گهرجن کي هڪ طرف رکي سگهي ٿو. چيف جسٽس اهو به چيو ته هو افواهن ۽ الزامن طرف نه ويندا. چيف جسٽس بابر اعواڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي ڊگهيون ڪهاڻيون نه ٻڌايو، رستا اسان پاڻ ڳولينداسين. اهو ٻڌايو ته اسپيڪر ڪهڙي بنياد تي رولنگ ڏني. چيف جسٽس بابر اعواڻ کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن آئيني طريقو آهي جنهن کي بلڪل سائيڊ لائن ڪيو وڃي، ڇا ائين ٿي سگهي ٿو، توهان کي اهو به ٻڌائڻو آهي. شنوائي دوران بيريسٽر علي ظفر دليلن ۾ چيو ته هن ڪيس ۾ اسپيڪر کي به پارٽي بنايو ويو. عدالت طرفان ڪابه ڊائريڪشن اختيارن کان مٿانهين ناهي هوندي. ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف عدالت سان رابطو ڪرڻ پارليامينٽ ۾ مداخلت آهي. اسپيڪر کي ڏنل هدايتون اصل ۾ پارليامينٽ کي هدايتون ڏيڻ هوندو جيڪو غير آئيني آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا پارليامينٽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ڇا تڏهن به مداخلت نٿي ٿي سگهي؟ بيريسٽر علي ظفر چيو ته ڇا غير آئيني آهي ۽ ڇا نه ان تي بعد ۾ دليل ڏيندس. جسٽس مقبول باقر ريٽائرمينٽ تي ادارن ۾ توازن جي ڳالهه ڪئي هئي. گڏيل احترام سان ئي ادارن ۾ توازن پيدا ڪري سگهجي ٿو.چيف جسٽس چيو نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل اجلاس جا منٽس ڪٿي آهن؟ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ۾ ظاهري طور الزام آهن ڪا فائنڊنگ ناهي، ڇا اسپيڪر حقيقتون سامهون آڻڻ بنا اهڙي رولنگ ڏئي سگهي ٿو؟ اهو آئيني نقطو آهي، جنهن تي عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي، ڇا اسپيڪر آرٽيڪل 95 کان ٻاهر وڃي اهڙي رولنگ ڏئي سگهي ٿو، جيڪا ايجنڊا تي ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇيو ته ڪابينا پرڏيهي وزارت جي بريفنگ تي ڪهڙو فيصلو ڪيو؟ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جن تي الزام لڳايو ويو، انهن خلاف ڪهڙو ايڪشن ورتو ويو، بابر اعواڻ جواب ڏنو ته حڪومت انهن خلاف ڪو ايڪشن نه ورتو، وزيراعظم ۽ ڪابينا احتياط کان ڪم ورتو. جسٽس جمال مندوخيل چيو جيڪڏهن عمران خان ڪميشن ٺاهڻ چاهي ٿو ته مطلب ان کي خبر ناهي ڪير ملوث آهي؟ بابر اعواڻ جواب ڏنو ته وزيراعظم کي علم آهي، هو ملڪي مفادن خاطر نٿو ڳالهائڻ چاهي، وزيراعظم جاچ ڪندڙ ناهي، تنهن ڪري لاڳاپيل ماڻهن کي اهو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. چيف جسٽس پڇيو ته ڇا بي اعتمادي جي ووٽنگ بنا به اڪلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بي اعتمادي کي پيش ڪرڻ جي منظوري کان اڳ اڪلائي سگهجي ٿو. چيف جسٽس پڇيو پارليامينٽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪري پوءِ به مداخلت نٿي ٿي سگهي؟ علي ظفر جواب ڏنو ته اسپيڪر جي رولنگ جو جائزو وٺڻ جو اختيار ناهي. جسٽس جمال خان سوال ڪيو ته اسپيڪر جي رولنگ کي ڪيئن ٿو ختم ڪري سگهجي؟ وڪيل علي ظفر جواب ڏنو ته اسپيڪر جي رولنگ کي هائوس ختم ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس چيو اسان پارليامينٽ جي تقدس جو احترام ڪيون ٿا، هي ڪيس آرٽيڪل 95 جي آئيني ڀڃڪڙي جو آهي، جتي آئيني ڀڃڪڙي ٿئي اتي سپريم ڪورٽ مداخلت ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ڪوشش آهي ته روزاني جا ڪم متاثر نه ٿين. ڪوشش ڪريون ٿا ته اڄ ساڍي 9 وڳي شنوائي شروع ڪريون. جنهن کان پوءِ ڪيس جي شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close