اسلام آباد : پ پ جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته پارليامينٽ جي اڪثريت کي غدار سڏيو پيو وڃي، اسان آمريڪا کان سڄي ملڪ لاءِ معافي وٺرائي اوهان معافي ڇو نه وٺرائي. پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ ماڻهن کي غدار چوڻ ٺيڪ نه آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پيپلزپارٽي ميڊيا سان گڏ رهي ٿي، فواد چوڌري ڪجهه صحافين سان بدتميزي ڪئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي وارئو سڄي قوم اوهان کان سوال ڪندي هن چيو ته ٿورو حوصلو پيدا ڪريو هاڻي اوهان پنهنجي ڪاوڙ ميڊيا تي ڪڍي رهيا آهيو پيڪا جهڙي ڪاري قانون جي خلاف اسان بيٺا آهيون. شيري رحمان چيو ته اسان بدتميزي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، رول اينڊ لا جي ڳالهه ڪريون ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه صف اول ۾ بيٺي آهي، هي ميڊيا جو دور آهي ڀاءُ. شيري رحمان چيو ته هي تحريڪ انتشار آهي، اڄ کان ان جو نالو تحريڪ انتشار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close