اسلام آباد :پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن بغاوت ۾ 30 سيڪنڊ لڳن ٿا ته ان جي تدارڪ ۾ به 30 سيڪنڊ لڳڻ گهرجن. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن بغاوت ۾ 30 سيڪنڊ لڳن ٿا ته ان جي تدارڪ ۾ به 30 سيڪنڊ لڳڻ گهرجن، انصاف ۾ دير انصاف فراهم نه ڪرڻ جهڙي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ گذريل هفتن جي آئيني بحران کانپوءِ اڄ پنجاب ۾ دپٽي اسپيڪر کي وڏي وزير جي چونڊ جي ڏينهن اسيمبلي مان ڪڍيو ويو. عوامي نمائندن جي ايوان جي چوڌاري ڪنڊيدار تارون لڳايون ويون. عمران خان جا آخري مايوسي وارا قدم هاڻ کيس نٿا بچائي سگهن. سندس چوڻ هو ته هن جي حڪومت وڃي چڪي آهي، سليڪٽڊ راڄ جو خاتمو ٿي ويو. ڪيئن عمران خان کي غير جمهوري طريقي سان آندو ويو ۽ ڪيئن ڀڄي هن آئين کي پائمال ڪيو، عوام ڏسي رهيو آهي ۽ تاريخ ۾ سڀ لکيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close