اسلام آباد : پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ استحڪام اچڻ گهرجي، جيترو عدالت ۾ معاملو ڊگهو ٿيندو اوترو عدم استحڪام وڌندو. استحڪام طرف وڃڻ جو واحد طريقو چونڊون آهي. ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ کي ڏسڻو آهي ته ڇا آئين پورو ڏٺو ويندو يا ڪنهن هڪ نقطي کي ڏٺو ويندو. ڇا آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي ڀڃڪڙِي ناهي ٿي. فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن جو اهو ئي مطالبو هو ته اليڪشن ٿئي، اپوزيشن کي چوڻ چاهيندس ته ملڪ جو به خيال ڪريو. جيڪڏهن ملڪ کي سياسي استحڪام طرف نه آندو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته هاڻي هر يوٽيوب تي وڊيو ٺاهيندڙ ماڻهو صحافي پاڻ کي سمجهي ٿو. مان مطيع الله جان کي چيو ته هڪ عورت اينڪر کي اوهان گاريون ڏنيون هيون، ان عورت اينڪر کان پهريان اوهان معافي وٺو پوءِ مان جواب ڏيندس. ٽن سالن کان فرح خان جو جيڪڏهن مريم نواز کي پتو هو ته اوهان ثبوت ڇو لڪائي رکيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close