پاڪستانسنڌ

ناگناهه شاخ جو پاڻي بند ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ گهٽتائي

مسڻ وڏي: ٽنڊوالهيار جي نصير واهھ مان نڪرندڙ ناگناهه شاخ پڪي ٿيڻ جي ڪري يوسي پاڪ سنگھار، بيگن جروار، ڪامارو شريف، مسڻ ۽ دريا خان مري ۾ وونئڻن جي پوکائي ٿي نه سگهي. ڪڻڪ جي فصل پوکڻ کانپوءِ پاڻي جي بندي دوران ناگناهه شاخ جي پڪي ٿيڻ وارو ڪم شروع ٿيو ته پوکيل ڪڻڪ جي فصل کي صحيح وقت تي پاڻي نه ملڻ جي ڪري ڪڻڪ جي اُپت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 70 سيڪڙو گھٽ ٿي آهي. ناگناهه شاخ جي پڪي ٿيڻ وارو ڪم هڪ مهينو بند ٿيڻ کانپوءِ وري شروع ٿي ويو آهي. شاخ جي پڪي ٿيڻ واري ڪم بند دوران شاخ ۾ 15 ڏينهن لاءِ پاڻي ڇڏيو ويو هو، جنهن دوران آبادگارن 2 مهينا شاخ ۾ پاڻي هلڻ واري افواھه تي وڏا خرچ ڪري وونئڻن جي پوکائي ڪئي، پر پاڻي فقط 15 ڏينهن هلڻ کانپوءِ شاخ بند ڪئي وئي، جنهن سبب آبادگارن جو خرچ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. ان حوالي سان آبادگارن محمد حاجن لغاري، نورالدين ميئو، غلام رسول لغاري ۽ ٻين چيو ته ناگناهه شاخ جي پڪي ٿيڻ سان ڪڻڪ جو حدف مڪمل نه ٿيو آهي ۽ وونئڻن جي پوکائي پڻ متاثر ٿي آهي. وونئڻن جي پوکائي تي ڪيل خرچ فل الحال پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هنن واسطيدار عملدارن کان گھر ڪئي ته ناگناه شاخ جي پڪي ٿيڻ واري ڪم کي جلد مڪمل ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي. ٻئي طرف آبپاشي کاتي ناگناهه شاخ جي ڪپرن تي ويٺل ڳوٺ غلام علي لغاري ۽ ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري جي 50 کان وڌيڪ غريب پورهيتن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button