سنڌڙي: سنڌڙي تعلقي جي 300 مستحق ۽ معذور ماڻھن لا آيل راشن کيرائو جي گورنمينٽ هائي اسڪول سلطان مھاجر ۾ ورهايو ويو، جتي راشن اصل حقدارن ۽ معذور ماڻھن کي نه مليو، راشن صرف من پسند ماڻھن کي ڏيڻ تان معذور عبدالرشيد جروار سنڌڙي پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي چيو ته منھنجي بيوھه چاچي زين البانو ۽ چاچي حاجره معذور آھن ۽ مان پاڻ معذور آھيان، علائقي جا بااثر ڪامريڊ مختيار جروار ۽ علي بخش جروار آيل راشن صرف منھنجي من پسند ماڻھن ۽ مائٽن کي ڏنو آھي، اسان کي ٽوڪن ناهي ڏنو، اصل حقدار اسان معذور آھيون ۽ اسان جون عورتون ڌڪا کائينديون رهيون، پر بااثرن هڪ به راشن بيگ ناهي ڏنو. هن اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي، مختيارڪار سنڌڙي ۽ ايم پي اي ذوالفقار علي شاھه کان مطالبو ڪيو ته اسان معذور ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close