اسلام آباد :گڏيل اپوزيشن طرفان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي 3 اپريل جي رولنگ غير قانوني قرار ڏيندي قومي اسيمبلي بحال ڪرڻ جي فيصلي اچڻ بعد اڄ شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ن ليگ صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڪوڙ، دوکي ۽ الزامن جي سياست دفن ٿي وئي. هن چيو ته پاڪستان عوام کٽي ويو، الله پاڪستان تي رحم ڪري. شهباز شريف چيو ته عهد ساز ڏينهن انهن کي مبارڪ هجي، جن آئين جي بالادستي لاءِ مهم هلائي. مالڪ سائين 22 ڪروڙ عوام جون دعائون قبول ڪيون آهن. فيصلي سان ملڪ ۽ آئين بچي ويو آهي. هي فيصلو ڏئي عدالت 4 چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. اهڙو گڏيل فيصلو ڏئي عدالت عوام جي ترجماني ڪئي آهي ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اڄ ملڪي عدالت جمهوريت سان انصاف ڪيو آهي.اسان پارليامينٽ ۽ هاڻ عدالت ۾ به شڪست ڏني آهي. جهڙي نموني عدليا هي فيصلو ڏنو آهي، ان سان هڪ مثال قائم ٿيو آهي. جمهوريت، آئين ۽ عوام جو تحفظ ٿيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته “جيئي ڀٽو، جيئي عوام، پاڪستان زنده آباد”. عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، جيئي ڀٽو، جيئي عوام، پاڪستان زنده آباد”. جڏهن ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو سڄي قوم، آئين ۽ جمهوريت جي فتح آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ قوم کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، سڄي قوم، آئين ۽ جمهوريت جي فتح ٿي آهي. هن چيو ته عدليا بهترين فيصلو ڏنو آهي، اڄ احتجاج جي ڏينهن کي شڪراني جي ڏينهن ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون، اڄ ڪٿي به احتجاج نه ٿيندو پر شڪراني جو ڏينهن ملهايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close