اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري سپريم ڪورٽ جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت فيصلي کي عدالتي مارشل لا قرار ڏئي ڇڏيو. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي 3 اپريل واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي قومي اسيمبلي کي پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ بي اعتمادي رٿ لاءِ ٻيهر اجلاس سڏائڻ جو حڪم ڏنو هو. شيرين مزاري سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ لکيو ته گذريل رات هڪ عدالتي مارشل لا نافذ ڪيو ويو. عدالتي فيصلي ۾ پارلياماني برطري کي ختم ڪندي اهو به لکيو ويو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته آمريڪا پاران حڪومت کي تبديل ڪرڻ جو معاملو جنهن ڊپٽي اسپيڪر کي رولنگ تي مجبور ڪيو، ان کي منڍ کان نظرانداز ڪيو ويو. جڏهن ته هي پڄاڻي نه آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close