پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ حملي ۽ ڌمڪين خلاف رهواسين جو مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص لڳ ھائوسنگ سوسائٽي تي ھٿياربندن پاران مبينا ڪاهھ ڪرڻ، فائرنگ ڪرڻ ۽ ڀڳوانداس ڪڇي تي حملي خلاف ڪڇي برادري جي سوين ماڻھن ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان نٽھڻ اس ۾ مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن ڊاڪٽر امرشي، چيتن ڪڇي، شام لال، سڀاش ڪڇي، چندر مھاليو، پريم ڪمار ۽ ٻين چيو تھ ميرپورخاص لڳ الحفيظ ھائوسنگ اسڪيم تي گذريل رات بااثر ھٿياربندن ڪاھه ڪري فائرنگ ڪرڻ سميت ڀڳوانداس ڪڇي تي حملو ڪيو، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو تھ اسان سمجھون ٿا تھ اھو عمل قبضا مافيا جي ماڻھن جو آھي، جن ھائوسنگ اسڪيم تي قبضي جو منصوبو جوڙيو آھي. بااثر عرفان پنھور، فيضان پنجابي ۽ ڀاڳچند ميگھواڙ نامعلوم ماڻھن سان گڏ ڀڳوانداس ۽ ٻين ملازمن تي ھٿيار تاڻي موتمار ڌمڪيون ڏنيون. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button