اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي توشا خانا تحفن بابت درخواست شنوائي لا مقرر

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان توشا خانا مان وٺندڙ تحفن جو تفصيل ٻڌائيندو يا نه. هاءِ ڪورٽ تحفن جو تفصيل ٻڌائڻ خلاف حڪومتي درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن 20 اپريل تي حڪومتي درخواست تي شنوائي ڪندو. انفارميشن ڪميشن صحافي رانا ابرار خالد جي درخواست تي وزيراعظم جي تحفن جو تفصيل ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي حڪومت وزيراعظم جي تحفن جو تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي دليل لاءِ 3 موقعا ڏئي چڪي آهي. اٽارني جنرل ڊسمبر 2021 ۾ دليلن لاءِ وڌيڪ مهلت جي درخواست ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button