اسلام آباد :پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جي مطالبي تي پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ اڄ ڇنڇر تي انشاءالله پاڪستان کي نااميدين ۽ مسئلن جي اونداهين مان ڪڍڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. پنهنجي بيان ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته پاڪستان کي گڏيل سوچ، ٻڌي ۽ اتفاق راءِ جي مرهم جي ضرورت آهي. اسان هڪ قوم بڻجي مسئلن جي طوفانن جو زور ٽوڙينداسين. معيشت کي صحِيح رخ ۾ آڻي مهانگائي جي ستايل عوام جي مالڪي ڪرڻي آهي. روزگار ڏيڻ سان غريبن جا چلها ٻيهر ٻارڻا آهن. اپوزيشن ليڊر چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي مقام ۽ لاڳاپن کي قومي وقار ۽ مفادن جي بنياد تي بحال ڪرڻو آهي. هن چيو ته قيادت جو امتحان ئي مشڪل حالتن ۾ ٿئي ٿو، الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان پاڪستان هن امتحان ۾ سرخرو ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close