اسلام آبادپاڪستان

تڪبنديون چئن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم،نقشا ۽ ڊيٽا طلب

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون تڪبنديون شروع ڪري ڇڏيون. جڏهن ته تڪبنديون هنگامي بنيادن تي چئن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي صوبائي حڪومتن کان نقشا ۽ ڊيٽا بنا دير گهري ورتا. جمعي تي ملڪي موجوده صورتحال تي اليڪشن ڪميشن ۾ اهم اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون تڪبنديون ۽ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪندو ۽ هي ڪم چئن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. تڪبنديون وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومتن کان ترت نقشا ۽ ڊيٽا گهري ورتو آهي. سيڪريٽري ۽ اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي 13 اپريل تي عام چونڊن جو مڪمل ايڪشن پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن مطابق ادارو ملڪ ۾ جمهوري عمل جو سلسلو، شفافيت ۽ رول آف لا لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جا فنڊ نه جاري ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ڇڏيو. مڪاني چونڊون وقت سر ڪرائڻ ۽ فنڊ جاري ڪرڻ جي حوالي سان فيڊرل سيڪريٽري فنانس ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پڌرائي مطابق اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن جي اپ ڊيشن ۽ نظرثاني جو ڪم به هنگامي بنيادن تي تيز ڪرڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button