
اسلام آباد :پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ پاران ڊپٽي اسپيڪر جي 3 اپريل جي رولنگ تي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران خان کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ بڻجڻ تي ڀليڪار چوندس. آصف علي زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته شهبازشريف جو وزيراعظم چونڊجڻ کان پوءِ عمران خان مخالف ڌر اڳواڻ ٿيندو. هن چيو ته عمران خان کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ بڻجڻ تي ڀليڪار چوندس، آصف زرداري چيو ته اميد آهي ته عمران خان مخالف ڌر اڳواڻ طور جمهوري ڪردار ادا ڪندو.