اسلام آبادپاڪستان

عمران سياسي بحران پيدا ڪري فوجي مداخلت چاهي ٿو،اڳ به فيضياب ٿيو،ٻيهر فيضياب ٿيڻ چاهي ٿو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان شفاف چونڊن کان ڊڄي ٿو ۽ سياسي بحران پيدا ڪري ملٽري رول چاهي ٿو. عمران خان سليڪٽڊ آهي، جنهن اڳ به فيض ورتو ۽ ٻيهر فيضياب ٿيڻ چاهي ٿو. ڪالهه قومي اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسپيڪر صاحب! توهان نه رڳو عدالت جي توهين ڪري رهيا آهيو پر آئين به ٽوڙي رهيا آهيو. عدالت توهان کي پابند ڪيو آهي، ڀڃڪڙي ڪري توهان به نااهل ٿي سگهو ٿا. عدالت جو اڄ فيصلو آهي ته اڄ ووٽنگ ڪرائي وڃي پر توهان جو ڪپتان ڀڄي رهيو آهي. اڄ جيڪڏهن ووٽنگ نه ٿي ته اسان هتان نه وينداسين. هن چيو ته عمران خان شفاف چونڊن کان ڀڄي رهيو آهي، کيس خبر آهي ته جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿيون ته نقصان ٿيندو. هتي اسپيڪر کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، عمران خان سئو ڪوششون ڪري ڀٽو نٿو بڻجي سگهي، هو سياسي شهيد نٿو بڻجي سگهي.سندس چوڻ هو ته بي اعتمادي رٿ کي ٻاهرين سازش چوڻ ڪوڙ آهي، هيءَ ويڙهه جمهوريت پسندن ۽ غير جمهوري ماڻهن وچ ۾ آهي. عمران خان ويندي ويندي اسپورٽس مين اسپرٽ جو مظاهرو ڪري، عمران خان ايندي هڪ ڀيرو به عزت سان پنهنجو ڪم نه ڪيو. هاڻ ويندي ويندي ڪا اسپورٽس مين اسپرٽ ڏيکاري، ميچ هارائڻ جي خوف کان وڪيٽون کڻي ڀڄي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته مون وزيراعظم کي چيو هو ته هن کان پاسو ڪريو نه ته ڦاسجي ويندا ۽ اهو ئي آهي جنهن توهان کي ڦاسايو آهي. جڏهن هن ڀيرو پارٽي تبديل ڪئي ته ضمير جي لاءِ ڪيترا پيسا ورتا، ٻئي ڀيري ۽ ٽئين ڀيري پارٽي بدلي ته ضمير جا ڪيترا پيسا لڳايا. جناب اسپيڪر اسان وٽ ۽ آمريڪا جي وقت ۾ فرق آهي، جڏهن ته هتي 8 تاريخ ته اتي 7 تاريخ هوندي آهي. هن چيو ته عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، اسپيڪر هن ڏوهه ۾ شامل آهي، اڪثريت اپوزيشن وٽ آهي، عمران خان اسپيڪر جي قرباني جي ذريعي هڪ ٻه ڏينهن وڌيڪ ڪرسي تي رهڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شفاف اليڪشن ٿيندي ته هو کٽي نه سگهندو، هن کي ارڙهين ترميم جي خاتمي لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو هو. هن چيو ته عمران خان کي معاشي بحران آڻڻ جي لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو، ڪپتان بزدلاڻي طريقي سان ايوان سان ڀڄي ويو، جيڪو عمران خان کي مشورو ڏئي رهيا آهن مان انهن کي سڃاڻا ٿو.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسپيڪر توهين عدالت ڪري رهيو آهي. جنهن تي کيس نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. هي پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته عدالت اسپيڪر جي رولنگ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي حڪم جي تحت اڄ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻي آهي. وزيراعظم کي ڏنل غير جمهوري ۽ غير آئيني تجويز جمهوريت کي ويڙهڻ جي سازش آهي. هن چيو ته جيڪڏهن خط ۾ ايترو وزن هو ته پرڏيهي وزير قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڇو موجود نه هو. سلامتي ڪميٽي ۾ بي اعتمادي رٿ جو ذڪر نه هو. صرف ڊيمارش جو ذڪر هو. پاڪستان جي خلاف سازش هئي ته ان وقت هن جي غيرت جاڳڻ گهرجي ها. هن چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪم موجب ووٽ نه ٿئي ته اپوزيشن ميمبر اسيمبلي مان نه ويندا. عدالت جو حڪم آهي ته اڄ اوهان کي ووٽنگ ڪرائڻي آهي. اسان پنهنجا حق اوهان کان ڦرينداسين. بلاول چيو ته هي اڳ به سليڪٽيڊ هو ۽ ٻيهر سليڪٽ ٿي اچڻ چاهي ٿو. هي چاهين ٿا ته بحران پيدا ٿئي، تماشو ٿئي، آمريت سامهون اچي ملٽري رول ٿئي. هنن کي ارڙهين ترميم ۽ صوبن جي حقن جي خاتمي لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو. آمريت اچي ته اچي ڪپتان پنهنجي ضد تي بيٺل آهي. اسان چاهيون ٿا ته هن ئي عدالت مان عمران کي نااهل ڪرايون. ڌرڻا هڻون. پر اسان چيو ته اسان هن کي جمهوري آپشن ذريعي هٽائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button