اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ 20 ناراض ميمبرن خلاف ريفرنس اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ناراض ميمبرن خلاف ريفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. 20 ناراض ميمبرن خلاف ريفرنس آرٽيڪل 63 اي جي تحت جمع ڪرايو ويو آهي. ريفرنس پارٽي چيئرمين عمران خان طرفان اسپيڪر ڏانهن اماڻيو ويو آهي. ريفرنس تحريڪ انصاف جي چيف وهپ عامر ڊوگر اسپيڪر جي حوالي ڪيو. ريفرنس جي متن موجب ناراض ميمبر تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيا هئا پر هاڻ انهن ميمبرن تحريڪ انصاف ڇڏي اپوزيشن ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. ناراض ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن پر انهن شوڪاز نوٽيس جو ڪوبه خاطر خواهه جواب ناهي ڏنو. ريفرنس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان استدعا ڪئي وئي آهي ته ناراض ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button