اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف حڪومت جي نظرثاني درخواست داخل

اسلام آباد :تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ رد ٿيڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بنيچ جي 7 اپريل واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ حڪومت عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي. حڪومت طرفان عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست عدالت ۾ داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ محمد اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آرٽيڪل 69 آئين جو حصو آهي. سپريم ڪورٽ اسيمبلي جو اختيار نٿي استعمال ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ جو 7 اپريل وارو فيصلو معطل ڪيو وڃي ۽ قومي اسيمبلي کي رولز موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button