اسلام آباد:سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس شنوائي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي بابت صدارتي ريفرنس تي شنوائي 12 اپريل تي منجهند جو هڪ وڳي ڪندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس تي شنوائي ڪندي. صدارتي ريفرنس ۾ باغي ميمبرن جي نااهلي جو مدي بابت سپريم ڪورٽ کان تشريح جي درخواست ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پڻ باغي ميمبرن خلاف ريفرنس جمع ڪرايو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close