تلھار: تلھار لڳ عبدپور بس اسٽاپ حيدرآباد-بدين روڊ تي تيزرفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 70 ورهين جو غلام حسين چانڊيو ۽ نوجوان عبدالڪريم ٻٻر سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمين کي فوري طور تلهار اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد هڪ زخمي 70 ورهين جو پيرسن غلام حسين چانڊيو کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن اطلاع بعد حد جي متارو پوسٽ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي حادثي جي شڪار گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته آخري اطلاع تائين حادثي جو ڪوبه ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close