پاڪستانسنڌ

نندو ۾ شاگردياڻي سان جنسي ڏاڍائي ۾ ملوث جوابدار جي ضمانت رد، عدالت مان فرار

بدين: نندو شهر ۾ جنسي زيادتي بعد خودڪشي ڪندڙ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي جي ڪيس ۾ مک جوابدار جي ضمانت رد ٿي وئي، عدالت مان فرار ٿي ويو، خبر موجب نندو شهر ڀرسان ڳوٺ هاشم جت ۾ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻجڻ بعد مايوس ٿي خودڪشي ڪندڙ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي واري ڪيس ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ڪرمنل ٽرائلز ماڊل ڪورٽ جي جج عبدالقادر جي عدالت مک جوابدار جي ڪچي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويو.

ياد رهي ته 13 هين مارچ تي پيش ايندڙ واقعي جو ڪيس نندو شهر ٿاڻي تي شاگردياڻي جي ڀاءُ جي فرياد تي 2 جوابدرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن مان هڪ جوابدار جيل ۾ آهي، ان ڏس ۾ شاگردياڻي جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اسان کي خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هن مطالبو ڪيو مک جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button