اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته اسان جي ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريه آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سرڪاري ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريا آهي پر اسلام موجب ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اسان راتون رات انقلاب آڻيندا آهيون، وزيراعظم پنهنجي صوابديد تي ٻه پلاٽ الاٽ ڪري ٿو، وزيراعظم ڪير ٿيندو آهي پلاٽ ڏيڻ وارو؟ معزز جج وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ جو ڪو اصول ناهي. اسان اخبارن ۾ پڙهيو ته 2 پلاٽ سيڪريٽري کي ڏنا ويا، اسان جي ملڪ ۾ رڳو وڏن ماڻهن کي پلاٽ ملن ٿا، غريبن کي نه. هتي جنرلن کي پلاٽ ڏنا ويندا آهن، ڇا اهي پگهار نه کڻندا آهن. ڪچي آبادي ۾ وڃي ڏسو ته اتيڇا حالت آهي، ماڻهن ننڍڙا ننڍڙا ڪمرا ٺاهي ڇڏيا آهن. جڏهن ته عدالت سرڪاري ملازم محمد صديق جي پلاٽ واپس ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close