اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس ٺاهڻ کي پنهنجي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب انصاف لائرز فورم جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس داخل ڪرڻ غلطي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان اعتراف ڪيو ته لاڳاپيل ماڻهن جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس بابت غلط گائيڊ ڪيو. ذريعن موجب اٽارني جنرل خالد جاويد، عمران خان کي ٻڌايو ته جسٽس فائز عيسيٰ ايماندار جج آهي، عدليا ۾ هڪ سيڪشن جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ تي پي ٽي آءِ سان ڪاوڙيل هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽس کي هراسان ڪرڻ بابت قانوني ڪارروائي تي به گفتگو ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close