ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ ٻه ڏينھن اڳ مبينا طور قتل ٿيل نرما شاھي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف عوامي جمھوري پارٽي جي سنڌي عورت تنظيم ۽ وارثن ڪوٽڙي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي شھزادي ڀرڳڙي، نازيا ڀٽي، اقبال ڪوريجو، قربان پنھور ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينھن اڳ ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ نرما شاھي کي مبيناطور تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي، پر ڊاڪٽرن نرما جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪيو، جنهن کان پو حد جو ايس ايچ او جوابدار ڌر سان ملي مامري کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي. هنن چيو ته مبينا قتل جي ايس ايس پي دادو ۽ ڊي آ جي حيدرآباد جاچ ٽيم جوڙي نرما جي قبرڪشائي ڪري جوابدار فھد متاڻي مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close